ڪابل ؛ طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته سرحد پار کان حملن جا پاڪستان جا مڙهيل الزام سختي سان رد ڪريون ٿا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد هڪ بيان ۾ چيو آهي ته دهشتگردي جي تازن واقعن کانپوءِ پاڪستاني اختيارين هڪ ڀيرو وري پنهنجي مُلڪ ۾ سيڪيورٽي کي مضبوط ڪرڻ بدران افغانستان تي الزام مڙهيو آهي.
هن چيو ته جڏهن حملا ٿين ٿا ته پاڪستان ۽ افغانستان کي ” گڏيل حل “ ڳولڻ گهرجي، ڇو جو الزام لڳائڻ ڪنهن به مسئلي جو حل نه آهي.
ترجمان طالبان چيو ته طالبان حڪومت قائم ٿيڻ جي ٻن سالن دوران مُلڪ ۽ خطي جي سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ نمايان بهتري آئي آهي.
هن چيوته ان عرصي دوران رڳو پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ واڌ آئي آهي ، اِها پاڪستان جي ذميواري آهي ته هو پاڻ ئي ان مسئلي جو حل ڳولي.
طالبان ترجمان چيو ته افغانستان پاڪستان جي الزام کي سختي سان رد ڪري ٿو ۽ افغانستان هڪ اهڙو مُلڪ آهي جو ڊگهي جنگ مان نڪتو آهي ۽ هو ڪنهن به ملڪ خاص طور پاڙيسري مُلڪن جي سلامتي کي خطرو نٿو بڻائڻ چاهي.
ذبيح الله مجاهد وڌيڪ چيو ته افغانستان هڪ ڀيرو وري ان ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته هو پاڪستان تي ڪنهن به حملي جي حق ۾ ناهي ۽ اسان ڪنهن کي افغانستان جي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، پر پاڪستان جي سرزمين جي اندر حملن کي روڪڻ ۽ ڪنٽرول ڪرڻ اسان جي ذميواري نه آهي.