اسلام آباد:اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان نئين آدمشماري جي تحت چونڊون ڪرائڻ بابت فيصلو نه ڪري سگهيو.
ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن نئين آدمشماري جي اعلان کان پوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي 2 اجلاس گهرايا جيڪي بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي ويا، اليڪشن ڪميشن نئين آدمشماري جي تحت چونڊون ڪرائڻ تي ٻڏتر جو شڪار آهي.
ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن جي قانوني ٽيم آرٽيڪل 51 فائيو جي تحت نئين تڪبندين جي گهرجن کان آگاهه ڪيو. قانوني ٽيم طرفان راءِ ڏني وئي ته اسيمبليون ٽٽڻ جو انتظار ڪيو وڃي.
ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن اهو به ڏسڻ چاهيو ٿي ته صدر چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري ٿو يا نه.