ڪوٽڙي ۾ مٽيءَ جون مانيون ٺاهي عورتن جو مهانگائي خلاف احتجاج

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي ۾ عورتن مٽيءَ جون مانيون پچائي اٽو مهانگو ٿيڻ خلاف انوکو احتجاج ڪيو ويو.
ڪوٽڙي جي مک چوڪ المدينا چوڪ تي ڪئمپ هڻي عورتن مهانگائي وڌڻ خلاف مٽيءَ جون مانيون پچايون.
ڄامشورو سجاڳ فورم جي سڏ تي عورتن اهڙو انوکو احتجاج ڪري حڪمرانن جو ضمير جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي.
ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ عورتن توڙي ڄامشورو سجاڳ فورم جي اڳواڻن اقبال ڪوريجو، جاني گهرياڻي ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته بک سبب ٻچا بک پيا مرن، اٽو خريد ڪرڻ جي سگھ ناهي. حڪمرانن کي ڪوبه ڪهڪا نٿو اچي. حڪمرانن اٽو مهانگو ڪري مسڪين ماڻهن کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي.
هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته مسڪين ماڻهن تي رحم کائي اٽو سستو ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔