صدر عارف علوي 3 بلن جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي اسلام آباد ترميمي بل 2023 جي منظوري ڏئي ڇڏي. بل جو مقصد ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي اسلام آباد 2013 ۾ ترميم ڪرڻ آهي. ان کان علاوه پيٽروليم(ترميمي) بل 2023 جي به منظوري ڏني وئي آهي. اهڙي بل جو مقصد پيٽروليم ايڪٽ 1934 ۾ ترميم ڪرڻ آهي.

صدر عارف علوي پاڪستان نرسنگ ڪونسل(ترميمي) بل 2023 جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي. بل جو مقصد پاڪستان نرسنگ ڪونسل ايڪٽ، 1973 ۾ ترميم ڪرڻ آهي. ٽنهي بلن جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 75 جي تحت ڏني وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔