گڊو : تازين ٿيندڙ برساتن سبب گڊو بئراج وٽ وچين درجي جي ٻوڏ برقرار آهي، ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته گڊو ملڪ ۾ تازين برساتن سبب پاڻي وڌڻ ڪري گڊو بئراج وٽ وچين درجي جي ٻوڏ برقرار آهي
گذريل 24 ڪلاڪن دوران گڊو بئراج ۾ 15 ھزار ڪيوسڪ پاڻي جي واڌ ٿي، گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 78 ھزار 792 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪئي وئي آهي
بئراج ۾ ھيٺانھون وھڪرو 3 لک 68 ھزار 562 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو