نگران حڪومت جي اختيارن بابت شق 230 ۾ ترميم ڪئي وئي

اسلام آباد: نگران حڪومت جي اختيارن بابت حڪومت اتحادين کي پرچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي جنهن کان پوءِ شق 230 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي خدشا ختم ڪرڻ جي لاءِ پارليامينٽري ڪميٽي جو ان ڪيمره اجلاس ٿيو جنهن ۾ پي ٽي آءِ جو بيرسٽر علي ظفر ۽ پيپلز پارٽي جو نويد قمر شريڪ ٿيا.

تحريڪ انصاف نگران حڪومت کي اضافي اختيار ڏيڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي. تحريڪ انصاف جو سينيٽر علي ظفر چونڊ اصلاحات ڪميٽي مان اٿي ٻاهر هليو ويو.

حڪومت نگران حڪومت جي اختيارن بابت شق 230 بل مان نه ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جنهن موجب نگران حڪومت کي ٻه ڌري ۽ ٽه ڌري معاهدن جو اختيار هوندو. نگران حڪومت کي اڳ کان  هلندڙ منصوبن تي ادارن سان ڳالهين جو اختيار هوندو

نگران حڪومت جا اختيار محدود هوندا جيڪا ڪوبه نئون معاهدو نه ڪري سگهندي. نگران حڪومت اڳ کان جاري پروگرام ۽ منصوبن بابت اختيار استعمال ڪري سگهندي.

چونڊ ترميمي بل 2023 پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪيو ويو جنهن ۾ قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته چونڊ اصلاحات بل ۾ سيڪشن 230 کان علاوه سمورن سيڪشن تي ڪميٽي جو اتفاق هو. هن چيو ته ڪالهه نگران حڪومت جي اختيارن جي معاملي تي اشو ٺاهيو ويو پر اڄ سردار اياز صادق جي سربراهي ۾ ڪميٽي جو هڪ وضاحتي اجلاس ٿيو آهي جنهن ۾ نگران حڪومت جي وڌيڪ وضاحت ڪئي وئي، هاڻ سمورين ترميمن تي اتفاق ٿي ويو آهي.

پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ رضا رباني هڪ دفعو ٻيهر نگران حڪومت بابت شق جي مخالفت ڪندي چيو ته مون کي چونڊ ايڪٽ ۾ ٻين ترميمن تي ڪوبه  اختلاف نه آهي. سيڪشن 230 ۾ ڪجهه شيون اهڙيون آهن جنهن تي اختلاف هو. قانون واري وزير جو ٿورو ادا ڪريان ٿو جنهن سيڪشن 230 مان ڪجهه شقون ڪڍيون آهن ۽ ڪجهه کي بهتر ڪيو ويو آهي.

رضا رباني چيو ته نگران حڪومت جي اختيارن کي وڌيڪ وڌائڻ صحيح عمل نه آهي. پهريون ڀيرو اهو ٿيو آهي ته وزيراعظم کي پاڻ ڪيترائي ڀيرا آءِ ايم جي ڊائريڪٽر سان ٽيليفون تي ڳالهائڻو پيو. نيون روايتون رکيون پيون وڃن. عالمي سامراج جي چوڻ تي اسان کي پنهنجي اسڪيم کان پوئتي هٽڻو پئجي رهيو آهي. هاڻ نيشنل انٽرسٽ جي جڳهه اڪنامڪ ۽ سڪيورٽي انٽرسٽ وٺي ڇڏي آهي.

پ پ جي سينيٽر رضا رباني ٻيهر نگران وزيراعظم کي آءِ ايم ايف جهڙن معاهدن جا اختيار ڏيڻ جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته جڏهن به نگران حڪومتن اهڙا معاهدا ڪيا ان جا سنگين نتيجا ڀوڳڻا پيا آهن. پاڪستان جي وزيراعظم جي اسٽيٽس جي خلاف هئس ته هو آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر سان ڳالهيون ڪري. اهو ڪٿي ٿيندو آهي ته آءِ ايم ايف سياسي پارٽين وٽ وڃي پڇي ته ڇا هو آءِ ايم ايف جي معاهدي جي سپورٽ ڪندا.  آءِ ايم ايف جو سياسي پارٽين سان پڇڻ پاڪستان جي خودمختياري ۾ مداخلت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔