جهانگير ترين جي ڀاءُ ۽ ملتان سلطانز جي مالڪ عالمگير ترين آپگهات ڪري ڇڏيو

لاهور:پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) جي مشهور فرنچائز جي مالڪ ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين جي ڀاءُ آپگهات ڪري ڇڏيو.

ميڊيا رپورٽن موجب پاڪستان سپر ليگ_پي ايس ايل) ۾ 2021 جي ٽرافي پنهنجي نالي ڪندڙ ملتان سلطانز جي ٽيم جي اونرز عالمگير ترين آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. لاهور پوليس موجب عالمگير ترين پستول سان پنهنجي مٿي ۾ گولي هنئي

پوليس اختيارين موجب عالمگير ترين آپگهات کان اڳ هڪ لکت به ڇڏي آهي جنهن ۾ هن پنهنجي بيماري جو ذڪر ڪيو آهي.

ٻئي طرف عالمگير ترين جي ويجهن دوستن چيو آهي ته اسان کي عالمگير ترين جي بيماري جي خبر نه هئي. هو غير شادي شده هو دوستن موجب عالمگير ترين جي عمر 64 سال هئي سندس مڱڻي ٿيل هئي ۽ هلندڙ سال دوران ڊسمبر ۾ سندس شادي ڪرڻ جو ارادو هو.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔