ڪراچي: بالي ووڊ ڇڏيندڙ اداڪارا ثنا خان کي پٽ ڄائو آهي.
ثنا خان 2020ع ۾ بالي ووڊ کي ڇڏي ڏنو هو ۽ 2021ع ۾ مفتي انس سيد سان شادي ڪئي هئي.
شادي کان پوءِهو خوشگوار زندگي گذاري رهي هئي.
ثنا خان وٽ پٽ اولاد ٿيو آهي ۽ هن اها خوشخبري پاڻ پنهنجي اڪائونٽ ذريعي مداحن کي ڏني.
ثنا پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي وڊيو جاري ڪئي، جنهن ۾ هن چيو ته خدا مقدر ۾ لکيو، پوءِ ان کي پورو ڪيو ۽ سولو ڪيو.
سندس چوڻ هو ته جڏهن خدا ڏيندو آهي ته مسرت سان گڏ ڏيندو آهي، خدا اسان کي پٽ ڏنو آهي.
ثنا خان وڌيڪ لکيو ته اولاد خدا جي امانت آهي ۽ ان کي بهترين بنائڻو آهي. هن دعائن تي مداحن جا ٿورا به مڃيا.