نادرا چيئرمين طارق ملڪ عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) جي چيئرمين طارق ملڪ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
نادرا ترجمان موجب طارق ملڪ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ۾ پنهنجي استعيفيٰ پيش ڪئي پر ان حوالي سان حتمي فيصلو وزيراعظم ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نادرا چيئرمين خلاف نيب ۽ ايف آءِ اي ۾ جاچ جاري آهي.
ذريعن موجب طارق ملڪ نجي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، هن وزيراعظم سان ملاقات لاءِ وقت گهريو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔