شرپسندن کي خبردار ڪريان ٿو ته قانون هٿ ۾ کڻندڙن کي ٻنهي هٿن سان چٿيو ويندو: وزيراعظم شهباز شريف

شرپسندن کي خبردار ڪريان ٿو ته قانون هٿ ۾ کڻندڙن کي ٻنهي هٿن سان چٿيو ويندو، پي ٽي آءِ جي قيادت حساس ملڪيتن تي دشمنن جيان حملا ڪيا، پاڪستان جي عوام ڪڏهن به اهڙا منظر نه ڏٺا آهن

 وزيراعظم شهباز شريف قوم کي خطاب ۾ چيو آهي ته عمران خان کي ڪرپشن جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، نيب اُن ڪيس جي جاچ ڪري رهيو آهي، حساس سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائي ملڪ دشمني جو ثبوت ڏنو ويو

 پاڪستان جي سياسي تاريخ تلخ رهي آهي، سياست ۾ انتقامي ڪارروائين جو انجام سٺو ناهي هوندو، اسان کي ماضي مان سبق سکڻ گهرجي، گذريل 4 سالن ۾ ڪيس نه فيس ڏٺو ويندو هو، طئه ڪيو ويندو هو ته ڪنهن کي جيل موڪلڻو آهي ۽ ڪنهن کي رعايت ڏيڻي آهي، عمران خان جي حڪومت ۾ رڳو الزامن تي گرفتاريون ٿينديون هيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔