پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ آزاد صحافت جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

اسلام آباد: پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ آزاد صحافت جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. گڏيل قومن طرفان 3 مئي تي هر سال آزاد صحافت جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي جنهن جو مقصد صحافت جي بنيادي اصولن جي موجوده صورتحال تي اعتماد جو اظهار ڪرڻ ۽ دنيا ۾ صحافت جي موجوده صورتحال جي شڪل کي پيش ڪرڻ آهي.

اڄ آزاد صحافت جو عالمي ڏينهن آهي پر اهو ڏينهن پاڪستان ۾ آزاد صحافت تي سواليه نشان آهي. پاڪستان ۾ آمريت هجي يا جمهوريت، آزاد صحافت هر دور ۾ خواب ئي رهي آهي. گذريل 3 ڏهاڪن دوران صحافين مٿان 70 کان وڌيڪ دهشتگرد حملا ڪيا ويا جڏهن ته 170 جي ويجهو صحافي فرضن جي ادائيگي ۽ مختلف واقعن ۾ حياتيون وڃائي ويٺا

ملڪ ۾ صحافت ۽ صحافي غير محفوظ آهن جڏهن ته ارباب اختيارين کي ان جي پرواهه ئي نه آهي. صرف 2022 جي ڳالهه ڪئي وڃي ته حراسان ڪرڻ ۽ صحافين مٿان حملن جا 140 ڪيس سامهون آيا جن ۾ 8 صحافي عورتون به شامل آهن. گذريل هڪ سال دوران صحافين خلاف 56 واقعن سان گڏ اسلام آباد پهرين، 35 واقعن سان پنجاب ٻئين ۽ 32 ڪيسز سان سنڌ ٽئين نمبر تي رهيو.

پاڪستان ۾ 170 جي ويجهو صحافي فرض ادا ڪرڻ دوران مارجي ويا. بدقسمتي جي ڳالهه اها آهي ته انهن ۾ صرف ٻن صحافين جو ڪيس منطقي انجام تائين پهتو هڪ ته ڊينئل پرل هو، آمريڪي صحافي ۽ ٻيو ولي خان بابر جو ڪيس هو، باقي ٻئي ڪنهن به ڪيس جي باري ۾ ڪابه خبر نه پئجي سگهي آهي. دٻاءُ، ۽ ڌمڪيون برداشت ڪندڙ صحافين جي حياتي هر وقت خطري ۾ ئي رهندي آهي، ڪيترائي صحافي قتل به ڪيا ويا آهن اهڙن ئي سببن جي آڌار تي پاڪستان آزاد صحافت لاءِ خطرناڪ ترين ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهي.

آزاد صحافت جو ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد پيشه وارانه فرض ادا ڪرڻ دوران صحافين ۽ صحافتي ادارن کي پيش ايندڙ پريشانين، مسئلن، ڌمڪين واري روين ۽ زندگين کي پيش ايندڙ خطرن بابت قوم ۽ دنيا کي آگاهه ڪرڻ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔