سنڌ جي ڪڻڪ افغانستان کي ڏيڻ واري ڪنهن جي خواهش پوري نه ڪنداسين: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ جي ڪڻڪ افغانستان کي ڏيڻ واري ڪنهن جي خواهش پوري نه ڪنداسين، ڪڻڪ جي خريداريءَ جو هدف پورو ٿيڻ تائين فلور ملز کي ٻين ضلعن مان ڪڻڪ گهرائڻ جي اجازت نه ڏينداسين، فلور ملز وارن سان جهيڙو نه ٿا چاهيون

صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ سرڪار ڪڻڪ جي خريداريءَ جو 50 سيڪڙو هدف پورو ڪري ورتو آهي، بارڊرز کولڻ سان ڪڻڪ جي اسمگلنگ جو خدشو وڃي ٿو

شرجيل انعام ميمن جو چوڻ آهي ته اسمگلنگ سان اڳتي هلي صوبي ۾ ڪڻڪ جي کوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي، فلور ملز کي پابند ڪيو آهي ته اٽو ڪنٽرولڊ اگهن تي وڪرو ڪن، حڪومت ڪنهن کي به ناجائز رعايت نه ٿي ڏئي سگهي، خريداري جو هدف هر صورت ۾ پورو ڪبو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔