پي سي بي جو هڪ ئي موقف آهي، ايشيا ڪپ جي ميزباني تان هٿ نه کنيو ويندو: نجم سيٺي

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) مينيجمينٽ ڪميٽي جي سربراهه نجم سيٺي چيو آهي ته پي سي بي جو هڪ ئي موقف آهي ته اسان ايشيا ڪپ جي ميزباني تان هٿ نه کڻنداسين

هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي نجم سيٺي چيو ته ايشيا ڪپ لاءِ جيڪو فيصلو ٿيندو ان جا اثر ورلڊ ڪپ تي به پوندا. هن چيو ته جيڪڏهن ايشيا ڪپ جون مچون ڀارت ٽئين ملڪ ۾ کيڏيو ته هائبرڊ ماڊل ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان لاءِ به هوندو

ڀارت کي چئي ڇڏيو آهي ته اسان جي حڪومت ۽ عوام اسان جي ان موقف جي حمايت ڪري ٿو ته اوهان نٿا اچو ته اسان اوڏانهن ڪيئن وڃون. نجم سيٺي وڌيڪ چيو ته اسان طرفان ريڊ لائن آهي، ڀارت ايشيا ڪپ کيڏڻ پاڪستان اچي يا ٽئين ملڪ ۾ کيڏي، پاڪستان کي ايشيا ڪپ جي بائڪاٽ تي هڪ ارب جو نقصان ٿيندو

هن چيو ته ٻئي طرف ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت وڃڻ کان انڪار تي آءِ سي سي سان لاڳاپا متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي پر ڀارت کي صاف چيو آهي حڪومت جيڪڏهن پاڪستان وڃي کيڏڻ کان منع ڪري رهي آهي ته لکت ۾ ثبوت ڏيو

هن جو چوڻ هو ته ڀارت بورڊ حڪومتي انڪار تي ڪا ٺوس شاهدي ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، پاڪستان سپر ليگ سان هاڻي ايترا پئسا ڪمائي وٺون ٿا جو آءِ سي سي نقصان جو ازالو ڪري سگهون ٿا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔