پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور گرفتار

پشاور : پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور کي پشاور هاءِ ڪورٽ مان گرفتار ڪيو ويو.
علي امين گنڊاپور گرفتاري کان بچڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ احاطي ۾ پناهه ورتي هئي، پوليس جي وڏي نفري اڄ صبح کان هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران موجود هئي.

علي امين گنڊاپور جو چوڻ هو ته مان سڀني ڪيسن ۾ ضمانت ڪرائي آهي، منهنجي خلاف پوليس وٽ ڪو وارنٽ ناهي.
هن چيو ته پوليس مون کي اڻڄاتل ايف آءِ آرز ۾ نامزد ڪيو آهي، اسان هن حڪومت جو آخري ساهه تائين مقابلو ڪنداسين.
ياد رهي ته علي امين گنڊاپور خلاف اسلام آباد جي گولڙا ٿاڻي ۾ ڪيس داخل آهي، جڏهن ته پنجاب جي شهر ڀڪر جي پوليس به دهشتگردي ايڪٽ تحت سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي.
واضح رهي ته عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي به شروع ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔