ٽن وڏن جي اهم ملاقات: اليڪشن جي اعلان کانپوءِ واري صورتحال تي مشاورت

وزير اعظم شهباز شريف سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ جمعيت علماءِ اسلام ۽ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ملاقات ڪئي آهي

پڌرائي موجب وزير اعظم هائوس ۾ ٿيل هـِن اهم ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ملاقات ۾ صدر طرفان چونڊن جي اعلان کانپوءِ واري صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

واضح رهي ته صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي پنجاب جي چونڊن لاءِ 30 اپريل جي تاريخ جي منظوري ڏني آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔