ڪراچي :پاڪستاني شوبز انڊسٽري سان واڳيل اداڪارائن جون اعتراض جوڳيون وڊيوز وائرل ٿيڻ ۽ کين ڌمڪيون ڏيڻ بابت ڪيس ۾ عدالت اهم حڪم ڏنو آهي
سنڌ هاءِ ڪورٽ سوشل ميڊيا تي اداڪارائن خلاف اعتراض جوڳو مواد اپلوڊ ٿيڻ خلاف مهوش حيات ۽ ڪبريٰ خان جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڌرين جا وڪيل پيش ٿيا
پي ٽي اي، وفاقي حڪومت ۽ ايف آءِ اي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرايو آهي، جڏهن ته عدالت پي ٽي اي، وفاقي حڪومت ۽ ايف آءِ اي کان ٻيهر اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪئي آهي
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو سوال ڪيو ته مون مواد هٽائڻ لاءِ هدايت ڪئي هئي، ڇا اُهو هٽايو ويو؟ جنهن تي جاچ آفيسر ٻڌايو ته معاملي جي جاچ هلي رهي آهي، مواد جلد هٽايو ويندو