ممبئي : ڀارت جي مشهور ڊانسر نورا فتحي ڪروڙين رپين جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ڪيترائي اهم انڪشاف ڪيا آهن. ڀارتي ميڊيا موجب نورا فتحي سڪيش چندر شيڪر خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شاهد بڻجي وئي آهي، جنهن عدالت ۾ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو آهي
نورا فتيحي انڪشاف ڪيو ته اسڪيش چندر شيڪر وڏا واعدا ڪيا، جن ۾ وڏو گهر ۽ شاندار طرز زندگي شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ته پنڪي ايراني پنهنجي سئوٽ سان رابطو ڪيو ۽ ٻڌايو ته جيڪلين فرنينڊس هن کان آفر جي انتظار ۾ هئي پر اسڪيش مون کي چاهيو ٿي
سڪيش جي ڪزن پڻ چيو ته ڪيتريون ئي اداڪارائون هن لاءِ مري رهيون آهن.هڪ نيوز چينل سان ڳالهائيندي، نورا چيو، “شروع ۾ مون کي خبر نه هئي ته اسڪيش چندر شيڪر هڪ مجرم هو ڇو ته اسڪيش ايل ايس ڪارپوريشن نالي هڪ ڪمپني ۾ ڪم ڪيو. منهنجو نه ته ڪو ذاتي رابطو هو ۽ نه ئي ڪڏهن انهن سان رابطو ڪيو آهي