ڪراچي:ڊالر کي پر لڳي ويا، 239.5 رپين تي پهتو، سون 700 رپيا سستو ، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 700 رپيا لاٿ سان 185100 مان 184400 رپيا تولو ٿي ويو
جڏهن ته عالمي گولڊ مارڪيٽ ۾ سون 6 ڊالرن جي گھٽتائي سان 1909 ڊالر في آئونس تي پهچي ويو، ٻئي طرف چاندي 2200 رپيا في تولو تي برقرار رهي
هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 50 پئسا اضافي سان 239 مان 239.5 ۽ انٽر بينڪ ۾ 24 پئسا واڌ سان 228.9 مان 229.15 رپين تي بند ٿي ويو، ٻئي طرف ڊالر هڪ رپيو واڌ سان 309 مان 310 ۽ يورو ڏيڍ رپيو اضافي سان 270.5 مان 272 رپين تي پهتا