خورشيد شاهه کي لنڊن مان علاج ڪرائڻ جي اجازت

سکر جي احتساب عدالت وفاقي وزير خورشيد شاهه کي علاج ڪرائڻ لاءِ لنڊن وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

 سول اسپتال سکر جي ڊاڪٽرز تي ٻڌل ميڊيڪل بورڊ خورشيد شاهه بابت ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي

 رپورٽ ۾ چيو ويو ته وفاقي وزير خورشيد شاهه جي طبيعت خراب آهي، علاج لاءِ کيس لنڊن وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي

 وفاقي وزير خورشيد شاهه پاڻ به عدالت آڏو پيش ٿيو، خورشيد شاهه پاران علاج لاءِ لنڊن وڃڻ جي درخواست تي عدالت ايم ايس سکر سول اسپتال جي نگرانيءَ ۾ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏنو هو

وفاقي وزير خورشيد شاهه، سندس ٻن گهروارين ۽ ٻن پٽن سميت ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي ڪيس ۾ نيب جي جاچ هلندڙ آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔