حيدرآباد-سکر موٽر وي ميگا منصوبي جو افتتاح

سکر: وزيراعظم شهباز شريف سکر پهچي ايم 6 حيدرآباد – سکر موٽروي منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي

 وزيراعظم منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ سکر پهتو ته وڏي وزير مراد علي شاهه، صوبائي وزيرن، نون ليگ ۽ جي يو آءِ اڳواڻن سندس آجيان ڪئي

  306 ڪلوميٽرز تي ٻڌل ايم سڪس موٽر وي رٿا تي 3 کرب 7 ارب رُپيا خرچ ايندو، رٿا 33 مهينن ۾ مڪمل ڪئي ويندي

منصوبي جي اڏاوت کان اڳ ئي مٽياري ۽ نوشهروفيروز ۾ اربين رُپين جي ڪرپشن جو ميگا اسڪينڊل سامهون اچي چڪو آهي

ڪيس ۾ هڪ ڊپٽي ڪمشنر ۽ 2 مختيارڪارن سميت درجنين آفيسر ۽ ملازم گرفتار ڪيا ويا آهن، نيب، ايف آءِ اي، اينٽي ڪرپشن ۽ پوليس پاران اسڪينڊل جي جاچ جاري آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔