راولپنڊي : ملڪ ۾ ٻوڏ جي هاڃن سبب ملتوي ٿيل يوم دفاع جي تقريب اڄ جي ايڇ ڪيو ۾ ٿيندي
آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا تقريب کي خطاب ڪندو، تقريب ۾ پاڪ فوج جي شهيدن جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي
تقريب ۾ فوج جي غازين کي به خراج تحسين پيش ڪيو ويندو
سنڌ سميت ملڪ ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب 6 سيپٽمبر تي يوم دفاع جي مک تقريب ملتوي ڪئي وئي هئي