ڪراچي: سنڌ ۾ غيرقانوني طور داخل ٿيندڙ 122 افغان شهرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس اختيارين موجب گرفتار افغاني غير قانوني طور سنڌ اچي رهيا هئا
رينجرز ۽ پوليس گڏيل ڪارروائي ڪري غيرقانوني طور بلوچستان کان سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ افغان شهرين کي گرفتار ڪيو
گرفتار افغانين ۾ 89 مرد، 13 عورتون ۽ 20 ٻار شامل آهن، افغان شهرين کي قانوني ڪارروائي ۽ سندن ڏيهه واپس روانو ڪرڻ لاءِ بلوچستان حڪومت حوالي ڪيو ويو