ڏهرڪي: شهيد ٿيل 5 پوليس آفيسرز ۽ جوانن جو ڪيس داخل

ڏهرڪي/رائونتي:رائونتي جي ڪچي واري  علائقي ۾ شهيد ٿيل 5 پوليس آفيسرز ۽ جوانن جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

ايس ايڇ او اوٻاوڙو اصغر اعواڻ  جي فرياد تي دهشتگردي ايڪٽ تحت  ڪيس داخل ڪيو ويو

ڪيس ۾ بدنام ڌاڙيل راحب شر، جانو انڍڙ، سومرو شر، ڪراڙو شر  ۽ ثناءُ  الله عرف ثنو شر سميت 70 ڄڻا نامزد ڪيا ويا آهن

ڌاڙيلن حملو ڪري ڊي ايس پي ڊي ايس پي عبدلمالڪ ڀٽو، ايس ايڇ او دين محمد لغاري، ايس ايڇ او عبدالماڪ ڪمانگر ، سپاهي سليم چاچڙ ۽ جتوئي پتافي  کي شهيد ڪيو هو

ڌاڙيلن جي حملي ۾ ايس ايڇ او سميت 4 جوان زخمي به ٿيا هئا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندن طبيعت بهتر ٻڌائي پئي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔