شرمين عبيد جو سنڌ ۽ بلوچستان جي عورتن لاءِ وڏو اعلان

آسڪر ۽ ايمي ايوارڊز يافتا پروڊيوسر شرمين عبيد چنائي پنهنجي پروگرام ”پٽاخا پڪچر“ پاران سنڌ ۽ بلوچستان جي عورتن پروڊيوسرز لاءِ مينٽورشپ جو اعلان ڪيو آهي.

شرمين عبيد پنهنجي پروگرام جي رٿا ”پٽاخا پڪچر“ هلندڙ سال ڪئي آهي جنهن ۾ ڏهن عورتن کي 12 هفتن ۾ فلم پروڊيوسنگ جي تربيت ڏني آهي.

ٽن مهينن جي وقت ۾ ڏهه عورتن ڏهن منٽن جي دستاويزي فلم پروڊيوس ڪئي.

ان کانپوءِ ”پٽاخا پڪچر“ جي ڇٽي هيٺ هن تائيوان پچ جي رٿابندي ڪئي جنهن ۾ سڄي دنيا مان عورت فلم پروڊيوسرز جي چونڊ ڪري مينٽورشپ ڪئي ۽ پاڪستان مان به عورتون چونڊيون ويون جن کي تائيوان وٺي تربيت فراهم ڪئي وئي

تازو شرمين عبيد هڪ اين جي او سان سهڪار ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي عورتن کي فلم پروڊيوس ڪرڻ جي تربيت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

شرمين عبيد اهو اعلان پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ سان ڪيو ۽ ٻڌايو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي عورتن کي فلم پروڊيوسنگ جي تربيت ڏني ويندي جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان مان 20 عورتن جي چونڊ ڪئي ويندي.

چونڊيل عورتن جي جوڙي ٺاهي هڪ پروجيڪٽ ڏنو ويندو جنهن ۾ مجموعي طور تي 10 فلمون تيار ڪيون وينديون.

”مينٽورشپ“ پروگرام لاءِ عورتن کي 25 نومبر درخواست ڏيڻ جي آخري تاريخ ٻڌائي وئي آهي ۽ فارم ويبسائيٽ تان ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿو.

چونڊيل عورتن جي هر جوڙي کي 10 لک رپيا معاوضو ۽ نون مهينن تائين اسڪاٽ لينڊ ۽ آمريڪا جي فلم پروڊيوسرز کان تربيت ڏياري ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔