پاڪ فوج طرفان سينيئر صحافي ارشد شريف جي قتل تي ڏک جو اظهار

راولپنڊي: پاڪ فوج طرفان ڪينيا ۾ پوليس جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل سينيئر پاڪستاني صحافي ۽ اينڪرپرسن ارشد شريف جي موت تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ پاڪ فوج سينيئر صحافي ارشد شريف جي  ڪينيا ۾ موت واري واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي

آءِ ايس پي آر چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ الله تعاليٰ ارشد شريف جي وارثن کي صبر عطا فرمائي، فوج سندن ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي

واضح رهي ته ڪينيا پوليس  اعتراف ڪيو آهي ته سينيئر پاڪستاني صحافي ارشد شريف جو قتل غلط فهمي جي بنياد تي پيش آيل واقعي جو نتيجو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔