اسلام آباد جي احتساب عدالت اسحاق ڊار جا گرفتاري وارنٽ رد ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: اسلام آباد جي احتساب عدالت ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جا گرفتاري وارنٽ رد ڪري ڇڏيا آھن، احتساب عدالت جي جج محمد بشير ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي

اسحاق ڊار پنهنجي وڪيل سميت ٻڌڻي دوران پيش ٿيو، اسحاق ڊار جي وڪيل طرفان مستقل طور تي گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي

احتساب عدالت اسحاق ڊار جي گرفتاري وارنٽ رد ڪندي کيس 10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔