آفت ۽ ٻوڏ سٽيل ملڪ ۾ چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن: بلاول ڀٽو

ڪراچي: پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آفت ۽ ٻوڏ سٽيل ملڪ ۾ چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران بلاول چيو ته اسلام آباد کان اڳتي ٻيو ملڪ نظر اچي رهيو آهي، ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ بدران سياست چمڪائي پئي وڃي، اليڪشن جون تياريون ڪيون پيون وڃن، عام چونڊون وقت کان اڳ نه پر مقرر وقت تي ٿيڻ گهرجن

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بلوچستان ۾ هڪ لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين اڃا پاڻيءَ هيٺ آهي، بلوچستان مان ٻوڏ جا وهڪرا اڃا سنڌ ۾ داخل ٿي رهيا آهن، سنڌ جا روڊ رستا سمنڊ جو ڏيک ڏئي رهيا آهن

هن چيو ته سنڌ مان 50 سيڪڙو پاڻي نيڪال ڪيو ويو آهي، وڌيڪ 50 سيڪڙو پاڻي اڃا بيٺل آهي، پاڻي نيڪال ٿيڻ تائين نقصان جو درست ڪاٿو نه لڳائي سگهون

بلاول چيو ته عالمي امداد گهڻي ملي رهي آهي، پر جيڏا ماڻهو متاثر ٿيا آهن اها امداد گهٽ لڳي رهي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔