ڪراچي: آءِ بي اي ٽيسٽ ذريعي جي اِي ايس ٽيز ۽ پي ايس ٽي طور ڀرتي ٿيل استادن جون پگھارون شروع ڪيون ويون آھن
پهرين مرحلي ۾ ڪراچي جي ڪورنگي ۽ ڪياماڙي ضلعن جي 850 کان وڌيڪ استادن کي پگھارون جاري ڪيون ويون
سيڪريٽري تعليم پاران سمورن ضلعن جي اختيارين کي تازو ڀرتي بعد جوائئنگ ڏيندڙ استادن کي پگھارون جاري ڪرڻ لاءِ قانوني گھرجون مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي
تعليم کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري ڪورنگي ضلعي جي 200 جي اِي ايس ٽيز ۽ 400 پي ايس ٽيز کي پگھارون جاري ڪرڻ جي حتمي منظوري ڏئي ڇڏي
سيڪريٽري تعليم موجب، ڪياماڙي ضلعي جي 250 پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز کي پگھارون جاري ڪيون ويون
سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري موجب، تازو ڀرتين بعد جوائنگ ڏيندڙ استادن جي مرحليوار پگھار شروع ڪئي پئي وڃي