سعودي عرب : امام ڪعبه شيخ صالح الطالب کي 10 سال قيد

رياض: سعودي عرب جي عدالت گذريل 4 سالن دوران قيد امام ڪعبه شيخ صالح الطالب کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي .

سعودي ميڊيا موجب 2018 ۾ مبينا طور تي شاهي خاندان ۽ ولي عهد محمد بن سلمان جي پاليسين کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ تي امام ڪعبه کي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ هاڻي مقامي عدالت ان کي 10 سالن جي قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي .

خيال رهي ته امام ڪعبه شيخ صالح الطالب کي گرفتار ڪيو ويو هو ته ان وقت به سبب نه ٻڌايو ويو هو عدالت پاران به قيد جي سزا تي به ڪو سبب نه ٻڌايو ويو آهي . صالح الطالب سعودي جي عدالتن ۾ جج جي حيثيت سان به ڪم ڪري چڪو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔