ناڻي واري وزير پاران هڪ ڀيرو ٻيهر پئٽرول جون قيمتون وڌائڻ کان انڪار

ڪراچي: ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته وزيراعظم جي هدايتن تي پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ نه پئي ڪئي وڃي. وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف عوام مٿان بار نه وجهڻ جي هدايت ڪئي آهي ان لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ اضافو نه ڪيو ويندو.
اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين آءِ ايم ايف سان جيڪي معاهدا ڪيا ان جي تحت پيٽرول جي قيمت ۾ 100 روپيه في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 150 روپيه في ليٽر وڌائڻا پوندا. اسٽيٽ بئنڪ کي وياج جي مد ۾ اضافو ڪرڻو پئجي سگهي ٿو. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان 2 ڏينهن ۾ معاهدو ڪري واپس ايندس. آءِ ايم ايف سان سڀ ڪجهه لکرائي ايندس. موجوده حالتن ۾ قوم پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کي برداشت نٿي ڪري سگهي. عمران خان ڌرڻو ڌرڻو کيڏي رهيو آهي ان سان ملڪ کي نقصان ٿيندو. عمران خان جو لانگ مارچ فرح گوگي کي بچائڻ جي لاءِ آهي. هن هميشه ذاتي سياست کي پاڪستان جي مفاد تي اوليت ڏني آهي. اڄ ملڪ ۾ تيل جو بحران عمران خان جي ڪري ٿيو آهي.

مفتاح اسماعيل چيو ته شوڪت ترين ٻڌائي پئسا ڪٿي ڇڏي ويو آهي. عمران خان ۽ شوڪت ترين جي معاهدن جو نتيجو اسان ڀڳتي رهيا آهيون. هي ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن هي ڪي به پئسا نه ڇڏي ويا آهن. هر جڳهه تي هنن تباهي ڪري ڇڏي آهي. اڳوڻي حڪومت گئس ۽ ايل اين جي معاهدي نه ڪيا ۽ ڪوئلو به ناهي ورتو هي نااهل آهن. عمران خان جي ڪري. ڪروڙين ماڻهو غربت واري زندگي گذاري رهيا آهن.
مفتاح اسماعيل وڌيڪ چيو ته عمران خان جا 21 ڊالر ارب ايندڙ سال واپس ڪرڻا آهن. عمران خان هر دور ۾ ملڪي ترقي ۾ رنڊڪ وجهندو رهيو آهي. عثمان بزدار سيمنيٽ جا 16 لائسنس وڪرو ڪيا. شهباز شريف 10 سالن ۾ هڪ به سيمينٽ جو لائسنس ناهي ڏنو. اڳوڻن حڪمرانن لائسنس انهن کي ڏنا جنهن جو ان سان ڪوبه تعلق نه هو. عمران خان ٻڌائي ته هن فرح گوگي کي ٽرانسفر جي اجازت ڏني هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔