چرس اسمگلنگ ڪيس مان سرور راھپوٽو، نثار ڀٽي، جبار ۽ ٻين جا نالا خارج

ڪراچي (رپورٽر) چرس اسمگلنگ ڪيس مان سرور راھپوٽو، نثار ڀٽي، جبار ۽ ٻين جا نالا خارج ڪيا ويا آھن، جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ پوليس موبائل ۾ چرس اسمگلنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي

پوليس جاچ مڪمل ڪري چالان عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آھي، پراسيڪيوشن پوليس آفيسرن جا نالا جوابدارن جي لسٽ مان ڪڍڻ جي سفارش ڪئي هئي، عدالت پوليس جو چالان منظور ڪندي پوليس آفيسرن جا نالا جوابدارن جي لسٽ مان ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي

عدالت چيو ته آفيسرن جا نالا جوابدارن جي لسٽ مان ڪڍڻ کي ڪيس مان بريت نه سمجهيو وڃي، جيڪڏهن ڪا شاهدي ملي ته جوابدارن کي شامل ڪري سگهجي ٿو، عدالت ڪيس کي ٽرائل لاءِ سيشن ڪورٽ موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالتي حڪم بعد نثار ڀٽي، جبار ۽ سي آءِ اي انچارج سرور راهپوٽو ۽ ٻين جا نالا ڪيس مان خارج ٿي ويا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔