سيالڪوٽ سانحي ۾ مارجي ويل سريلنڪن فيڪٽري مئنيجر جو مڙهه وارثن حوالي

ڪولمبو: سيالڪوٽ سانحي ۾ مارجي ويل سريلنڪن فيڪٽري مئنيجر جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. رپورٽ موجب سيالڪوٽ ۾ بيدردي سان قتل ڪيل سريلنڪن شهري جو مڙهه سريلنڪا ۾ ان جي وارثن حوالي ڪيو ويو. سريلنڪن مئنيجر جو مڙهه سندس ڀاءُ وصول ڪيو.
سريلنڪن شهري جو مڙهه پوسٽ مارٽم کان پوءِ لاهور جي هڪ نجي اسپتال ۾ رکي وئي هئي جتان کان علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهچائي ۽ سريلنڪا رواني ڪئي وئي. مڙهه کي ايئر لنڪا جي اڏام يو ايل 186 ذريعي روانو ڪيو ويو هو.
ان موقعي تي پريانٿا ڪمارا جي ڀاءُ چيو ته اميد آهي ته منهنجي ڀاءُ جي قتل جي جاچ انصاف سان گڏ منتقي انجام تائين پهچندي ۽ ٻنهي حڪومتن کي درخواست آهي ته اسان کي جاچ کان آگاهه ڪنديون رهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔