پيٽرول ۽ ڊيزل 8-8 رپيا ۽ گاسليٽ سوا 6 رپيا مهانگو

ڪراچي:‌ پي ٽي آءِ حڪومت جو رات جِي اونداهي ۾ عوام تي وار، پيٽرول ۽ ڊيزل 8-8 رپيا ۽ گاسليٽ سوا 6 رپيا مهانگو ڪري ڇڏيو، پهرين نومبر تي تيل جَي اگهن ۾ واڌ نه ڪرڻ ۽ قيمتون برقرار رکڻ جو ڪريڊٽ کڻندڙ حڪومت چئن ڏينهن بعد عوام تي پيٽرول بم ڪرايو،
پيٽرول 8 روپيا 3 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد في لٽر 145 رپيا 82 پئسن جو ٿي ويو، ڊيزل جي قيمت ۾ 8 رپيا واڌ کانپوءِ في لٽر 142 رپيا 62 پئسا في لٽر ٿي ويو، گاسليٽ 6 رپين جي واڌ کانپوءِ 116 رپيا 53 پئسا في لٽر مقرر ڪيو ويو.

حڪومت نوٽيفڪيشن ڪندي چيو آهي ته عوام کي اڳ ئي گهڻو رليف ڏئي چڪا آهيون، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل مهانگو ٿيڻ سبب قيمتون وڌايون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔