شلپا شيٽي باس پوري ڪرڻ لاءِ اڌ ٺوڙهي ٿي وئي

ممبئي: باليووڊ اداڪارا شلپا شيٽي جي اڌ گنجي ٿيڻ جو سبب سامهون اچي ويو آهي.ڪجهه ڏينهن اڳ اداڪارا طرفان انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي هئي جنهن ۾ هوءَ ايڪسر سائيز ڪري رهي هئي جڏهن ته وڊيو ۾ ڏٺو ويو ته شلپا پنهنجي اڌ مٿي تي وار ڪوڙڻ واري مشين (ٽرمر) لڳرائي هئي.
اداڪارا جو نئون هيئر اسٽائل ڪيترائي ڏينهن سوشل ميڊيا تي بحث هيٺ رهيو هو جڏهن ته هاڻي سندس اڌ مٿي ڪوڙائڻ جو سبب سامهون آيو آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب شلپا شيٽي ”باس“ باسي هئي ته جيڪڏهن ان جو مڙس راج ڪندرا فحش فلمن واري ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد ٿيندو ته هوءَ پنهنجي مٿي جي ڪجهه حصي جا وار ڪوڙائي ڇڏيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔