ورلڊ ڪپ کان اڳ حوصلو وڌائڻ لاءِ قومي ڪرڪيٽرز جي عمران خان سان ملاقات ٿيندي

ڪراچي: پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ اسڪواڊ جا ميمبر وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪندا، ملاقات جو امڪان سڀاڻي آهي، جنهن ۾ پي سي بي چيئرمين رميز راجا به شامل هوندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان کان پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جي ميمبرز جي ملاقات ڪرائڻ جو اهتمام ڪيو پيو وڃي.

ملاقات جي دوران وقت مقرر ڪرڻ وزيراعظم جي مصروفيتن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويندو، ملاقات ۾ رانديگرن کي ميگا ايونٽ کان اڳ حوصلو وڌائڻ آهي.

1992 ورلڊ ڪپ جي فاتح ٽيم جو ڪپتان عمران خان پنهنجي تجربن کان آگاهه ڪندو ۽ نوجوان رانديگرن کي ٽپس به ڏيندو، هن ملاقات ۾ پي سي بي چيئرمين رميز راجا به موجود هوندو.

جڏهن ته نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ جو پهريون مرحلو 23 سيپٽمبر کان پنڊي اسٽيڊيم ۾ شروع ٿي رهيو آهي.

  • TAG

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔