مريم نواز آزاد ڪشمير چونڊن ۾ ڌانڌلي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏي

اسلام آباد: مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ مبينه ڌانڌلي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏي آهي. مريم نواز سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي فارورڊ ڪهوٽه جي علائقي شيخ سولي پرائمري اسڪول ۾ قائم پولنگ اسٽيشن ۾ مبينه طور تي ڌانڌلي جي وڊيو شيئر ڪري ڇڏي. هن وڊيو سان گڏ لکيو آهي ته هي پولنگ عملي جي وڊيو آهي جيڪو پاڪستان تحريڪ انصاف جي حق ۾ بيلٽ پيپر تي ٺپا لڳائي رهيو آهي. هن چيو ته اهوئي ساڳيو ڪم ڇوڪرين جي اسڪول ۾ ٺهيل پولنگ اسٽيشن تي به ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔