وفاقي حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت پيٽرول جي قيمتن ۾ ڏيڍ روپيه جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 3 روپيه في ليٽر گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس  دوران ناڻي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته ملڪ جي ترقي معيشت کي صحيح ڪرڻ سان مشروط آهي. اسد عمر ۽ حفيظ شيخ ملڪ جي معيشت کي مستحڪم ڪيو. موجوده حڪومت ملڪ جي تاريخ جي سڀني کان وڏي ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي منهن ڏنو.

اڍائي ارب ڊالر جو بانڊ جاري ڪيو هو ان ۾ ڪاميابي ٿي آهي. اسان جي ڪرنسي پنهنجي زور تي بيٺل آهي. حماد اظهر چيو ته پيٽرول جي قيمت ۾ ڏيڍ روپيو جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 3 روپيه في ليٽر گهٽتائي ڪئي ويندي. اسان اسٽيٽ بينڪ کي خودمختيار ڪيو آهي اسان کي صنعت ۽ عوام جي فلاح ڏسڻي آهي.

ڪڏهن ڪڏهن سخت فيصلا ڪرڻا پوندا آهن. پر اسان جي فيصلن جي بنياد پاڪستاني ۽ عوام جي فلاح هوندي. سبسڊي کي ٽارگيٽ ڪرڻ جي لاءِ کاتن سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. مان عوام آڏو جوابده آهيان ۽ پنهنجي ملڪ ۾ ئي رهندس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔