ڪراچي: پاڪستان سپر ليگ جي 14هين ميچ ۾ لاڙڪاڻي واسي نوجوان فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر بهترين بالنگ ڪرائيندي 3 وڪيٽون پنهنجي نالي ڪري ورتيون.
ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز خلاف ميچ دوران شاهنواز ڏاهاڻي چئن اوورن ۾ 44 رنسون ڏئي 3 شڪار ڪيا ۽ ملتان سلطانز طرفان سڀ کان ڪامياب بالر رهيو.
شاهنواز ڏاهاڻي اعظم خان، بين ڪٽنگ ۽ محمد نواز کي پويلين جو رستو ڏيکاريو.
پچھلی پوسٹ