جِتي آئين خاموش هُجي، اُتي عدالت جو ڪردار ختم ٿي وڃي ٿو: فضل الرحمان

پشاور: جِتي آئين خاموش هُجي، اُتي عدالت جو ڪردار ختم ٿي ويندو آهي، آئين ۾ سينيٽ چونڊون شو آف هينڊز ذريعي ڪرائڻ لاءِ ڪابه شق ناهي، عدالت کي گذارش آهي ته اُن ۾ پاڻ کي ڌُر نه بڻائي ۽ صورتحال جيئن جو تيئن رهڻ ڏئي، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ڊسڪه ۽ ڪرم ۾ ٻيهر ننڍي چونڊ ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي کي سينيٽ چونڊن ۾ ادارن جَي ڪردار بابت ثبوت نه مليا هوندا، اسان بنا جواز ڪنهن کي جانبدار نه سڏيندا آهيون، 2018ع جي چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلي تي وڏي واڪي ڳالهايو ۽ اڄ به اُن تي قائم آهيون، ڪرم ۽ ڊسڪه ۾ ننڍي چونڊ دوران ڌانڌلي ذريعي آيل نتيجن کي قبول نٿا ڪريون، ڌانڌلي جا ذميوار پنهنجي ذميواري قبول ڪن ۽ اليڪشن ڪميشن ٻيهر چونڊون ڪرائي، سينيٽ چونڊن ۾ سرپرائيز اهو آهي ته انشاءَ الله اسان ڪامياب ٿينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔