حيدرآباد مان هڪ مهيني اندر حددخليون هٽائڻ جو حڪم

حيدرآباد: شهر مان حددخليون نه هٽائڻ وارو معاملو: عدالت هڪ مهيني اندر حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو، ٻڌڻي دوران عدالت پاران طلب ڪرڻ تي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي حيدرآباد سميت لاڳاپيل عملدار عدالت ۾ رپورٽ سميت پيش ٿيا، عدالت ڊي کان پڇاڻو ڪيو ته قاسم آباد سميت ضلعي مان حددخليون ڇو نه ٿا هٽايو، جنهن تي ڊي سي چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته حددخليون هٽايون وڃن پر بلديا پاران ڪجه هنڌن تي پارڪنگ ڏني وئي آهن جنهن ڪري مستقل بنيادن تي حددخليون هٽائڻ مشڪل بڻجي ويو آهي، عدالت چيو ته اوهان هڪ مهيني اندر شهر جي رستن ۽ مارڪيٽن ۾ غيرقانوني طور رکيل ڪيبن، صندل ۽ پٿارا هٽائي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرايو، عدالت چيو ته بلديا سميت اي سيز پاران سرڪاري زمين جون ڏنل سموريون ليزون ختم ڪيون وڃن، واضح ته رهي قاسم آباد واسي آغا نظام الدين وقار ٽائون واري علائقي ۾ قائم مک روڊ تي قبضا ڪري غير قانوني اڏاوتون تعمير ڪرائڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔