مولانا محمد خان شيراني پاران جي يو آءِ ف کان ڌار ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد: مولانا فضل الرحمان کان ناراض اڳواڻ مولانا محمد خان شيراني جِي يو آءِ پاڪستان کي جي يو آءِ ف کان ڌار ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، مولانا شيراني چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان جي يو آءِ ف جي نالي سان پنهنجو گروپ ٺاهيو، اسان ڪڏهن به سندس گروپ جو حصو نه رهيا آهيون، جي يو آءِ جي دستور موجب پارٽي جو حصو رهياسين، هاڻي اسان جا ميمبرز جي يو آءِ ف جو حصيو نه هوندا، جميعت ۾ ڏڦيڙ ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين ۽ سمورين سياسي جماعتن سان رابطا جاري رکنداسين، جي يو آءِ جي مرڪزي مجلس عاملا کان جي يو آءِ ف کي ختم ڪري جي يو آءِ پاڪستان جي نالي سان پارٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔