بلاول ڀٽو زرداري ڪورونا جي علاج بعد صحتياب ٿي ويو

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪورونا جي علاج بعد صحتياب ٿي ويو. بلاول جي ٽيسٽ رپورٽ نيگيٽو اچي وئي. بلاول ڀٽو سندس پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل سومرو کي ڪورونا جي تصديق بعد پاڻ کي آئسوليٽ ڪري ڇڏيو هو، ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچڻ بعد سندس علاج ڪيو ويو هو، بلاول ڀٽو زرداري سندس جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪندڙن جا ٿورا مڃيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔