زمبابوي جو پاڪستان وارو دورو شيڊول موجب ٿيڻ جا امڪان

لاهور: زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم جو پاڪستان وارو دورو شيڊول موجب ٿيڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن.
زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ جي ترجمان چيو آهي ته پنهنجي حڪومت کان پاڪستان جي دوري جي اجازت گهري ورتي آهي. دوري جي لاءِ حڪومت جي جواب جو انتظار آهي. ٻئي طرف پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ زمبابوي سان ڪرڪيٽ سيريز شيڊول موجب ٿيڻ جي لاءِ پراميد آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ زمبابوي ۽ پي ايس ايل فائيو جي ملتوي ٿيل ميچز جي لاءِ بائيو سيڪيور ماحول جا انتظام ڪرڻ ۾ مصروف آهي. پاڪستان ۽ زمبابوي جي وچ ۾ نومبر ۾ 3 هڪ ڏينهن واري ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز شيڊول آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ونڊو خالي ٿيڻ سبب سيريز آڪٽوبر ۾ به ٿيڻ جا امڪان آهن. ذريعن موجب پي سي بي زمبابوي جي خلاف سيريز کان پوءِ نومبر ۾ پي ايس ايل جا مقابلا ڪرائڻ جو ارادو رکي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔