ڪشميرين جي آزادي واري تحريڪ کي بدنام ڪرڻ جي ڀارت جي هڪ ٻي جُڙتو ڪوشش

سري نگر: ڀارت پاران ڪشميرين جي آزادي واري تحريڪ کي بدنام ڪرڻ جي هڪ ٻي جڙتو ڪوشش سامهون آئي آهي

پاڪستان پاران ڪشميري حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني کي پاڪستان جو اعليٰ اعزازڏيڻ ڀارت کان برداشت نه پيو ٿئي .

تحريڪ آزادي ڪشمير کي بدنام ڪرڻ جي ڀارت پاران هڪ ٻي جڙتو ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ سيد علي گيلاني جي نالي سان ڪوڙو خط جاري ڪيو ويوآهي جنهن ۾ پاڪستان کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي .

حريت اڳواڻن عبدالحميد لون ۽ راجا خادم حسين چيو آهي ته سيد علي شاه گيلاني سخت بيمار آهي ۽ هو ڳالهائڻ جهڙو به نه آهي .

ڀارتي ايجنسيون اڳ ۾ به تحريڪ آزادي ڪشمير کي بدنام ڪرڻ لاءِ ڪيترائي اهڙا ڪوڙا خط  جاري ڪري چڪيون آهن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔