ڪينبرا: آسٽريليا جي ڪرڪيٽر هرجس سنگهه، جيڪو صرف 20 ورهين جو آهي، آسٽريليا جي ڪلب ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ سڀ کان ڌماڪيدار اننگز کيڏندي 35 ڇڪا هنيا.هن ڀارتي نزاد بيٽر پرٽن پارڪ تي سڊني ڪرڪيٽ ڪلب خلاف 50 اوورن جي ميچ ۾ ويسٽرن سب اربز لاءِ صرف 141 بالن تي 314 رنسون ٺاهيون. هن جي غيرمعمولي اننگز ۾ 35 ڇڪا ۽…
مزید پڑھیں ...
بيجنگ: چين جي چنهوا يونيورسٽي چنهوا يونيورسٽتي ڪمپيوٽر سائنس جي شعبي ۾ آمريڪا جي يونيورسٽين کي رينڪنگ ۾ مات ڏيندي پهرين نمبر تي اچي وئي آهي، جيڪا ان شعبي ۾ علامتي تبديلي ظاهر ڪري ٿي. پهريون ڀيرو، چنهوا يونيورسٽي اهڙين ڪيترين عالمي رينڪنگن ۾ اڳتي نڪتي آهي، جن ۾ يو ايس نيوز بيسٽ گلوبل يونيورسٽيز ۽…
مزید پڑھیں ...
ڪراچي: فلوٽيلا “صمود” ۾ شامل وڌيڪ 29 ڪارڪنن کي ڊي پورٽ ڪيو ويو، جڏهن ته اسرائيلي پرڏيهي وزير چيو آهي ته اڃا تائين 450 کان وڌيڪ گرفتار ٿيل ڪارڪنن مان 170 کي واپس موڪليو ويو آهي. اسرائيل مان ڊي پورٽ ٿيڻ کان پوءِ جڏهن امدادي ڪارڪن پنهنجن ملڪن ۾ واپس پهتا، تڏهن هنن اسرائيلي حراست دوران ظلم ۽ زيادتين…
مزید پڑھیں ...
ڪراچي: آمريڪي ميڊيا گروپ بلوم برگ موجب، پاڪستان انهن ٿورَن ملڪن مان هڪ آهي، جن جي ڏيوالي ٿيڻ جا خدشا نمايان طور گهٽجي ويا آهن. بلوم برگ جي تازن انگن اکرن موجب، پاڪستان انهن چند ملڪن ۾ شامل آهي جن ڏيوالپڻي جي خطري ۾ سڀ کان وڏي گهٽتائي ڏيکاري آهي، جڏهن ته پاڪستان جي ڪارڪردگي دنيا جي اڀرندڙ معيشتن…
مزید پڑھیں ...
اسلام آباد: اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد جي اسرائيلي گرفتاري مان آزادي جي معاملي تي پرڏيهي وزارت اهم اڳڀرائي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب پاڪستان  جي پرڏيهي وزارت، اردن جي راڄڌاني عمان ۾ موجود پنهنجي سفارتخاني جي ذريعي اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد خان جي بحفاظت واپسي جي لاءِ اڻٿڪ…
مزید پڑھیں ...
اسلام آباد: عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻن عمر ايوب، شيخ وقاص اڪرم ۽ زرتاج گل کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف سنگجاني جلسه ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي جي انت واري عدالت اسلام آباد ۾ ٿي، جنهن ۾ عدالت عمر ايوب، شيخ وقاص اڪرم ۽ زرتاج گل جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. عدالت پي ٽي آءِ…
مزید پڑھیں ...
لاهور: ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز هوائن ۽ کنوڻ سان تيز برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات دير سان برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو. نارٿ ڪراچي، نارٿ ناظم آباد، اورنگي ٽائون، ميٽروول، بلديه ٽائون ۽ بفرزون ۾ ڪڪر وسيا، برسات شروع ٿيندي  ئي نارٿ ناظم آباد بلاڪ جي ۾ بجلي جي…
مزید پڑھیں ...
ڪوالالمپور: وزيراعظم شهباز شريف جي ملائيشيا جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپا مصبوط بنائڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي. پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وزيراعظمن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن، علاقائي معاملن ۽ غزه جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون. ملائيشين وزيراعظم انور…
مزید پڑھیں ...
ميلبرن: آءِ سي سي وومينز ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ ڏکڻ آفريڪا کي 10 وڪيٽن سان شڪست ڏئي ڇڏي، پهرين بيٽنگ ڪندي ڏکڻ آفريڪا وومينز ٽيم صرف 69 رنسن تي ڍير ٿي وئي ۽ پروٽيز ٽيم جي صرف هڪ بيٽسمين ڊبل فگر ۾ داخل ٿي سگهي، انگلش ٽيم 15 هين اوور ۾ بغير ڪنهن نقصان جي هدف حاصل ڪيو، ميگا ايونٽ ۾، دفاعي چيمپيئن…
مزید پڑھیں ...
لنڊن : انڊونيشيا ڊيٽا شيئر نه ڪرڻ تي مشهور سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽڪ ٽاڪ جو آپريٽنگ لائسنس عارضي طور تي معطل ڪري ڇڏيو آهي.انڊونيشيا جي مواصلات ۽ ڊجيٽل معاملن واري وزارت موجب، ٽڪ ٽاڪ آگسٽ ۾ حڪومت مخالف احتجاج دوران پنهنجي لائيو فيچر لاءِ ڊيٽا فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪيو.ٻئي طرف، ٽڪ ٽاڪ جي ترجمان چيو ته…
مزید پڑھیں ...