مستونگ: دهشتگردن جي حملي ۾ ميجر سميت 3 جوان شهيد، جوابي ڪارروائي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي: بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ ڀارتي حمايته يافته دهشتگردن جي حملي ۾ پاڪ فوج جا 3 جوان شهيد جڏهن ته  5 دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب 5 ۽ 6 آگسٽ جي رات دير سان ڀارتي پراڪسي گروپ(فتنه الهندستان) سان تعلق رکندڙ دهشتگردن مستونگ ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي هڪ گاڏي کي درسي ساخته بارودي سرنگ سان نشانو بنايو. حملي جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 3 بهادر جوان ملڪ تي قربان ٿي ويا.

پاڪ فوج جي ترجمان دهشتگردن جي حملي ۾ ميجر محمد رضوان طاهر، نائيڪ ابن امين، لانس نائيڪ محمد يونس شهيد ٿي ويا. پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ميجر رضوان شهيد هڪ دلير آفيسر هو جنهن دهشتگردي جي خلاف ڪيترن ئي آپريشن ۾ حصو ورتو ۽ جوانن جي  قيادت فرنٽ لائين تان ڪئي. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ آپريشن جي دوران سيڪيورٽي فورسز چار ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي ماري ڇڏيو جڏهن ته علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي ته جيئن ڪنهن به امڪاني دهشتگردي کي ختم ڪري سگهجي.

ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي، اسان جي بهادر سپاهين جون اهي قربانيون اسان جي ارادن کي وڌيڪ مضبوط بنائينديون آهن.

وزيراعظم محمد شهباز شريف ضلعي مستونگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي حملي جي سخت مذمت ڪئي ۽ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي ميجر محمد رضوان طاهر، نائيڪ ابن امين ۽ لانس نائيڪ محمد يونس کي خراج عقيدت پيش ڪيو.

وزيراعظم شهيدن جي لاءِ دعا ڪئي ۽ سندس گهر ڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو جڏهن ته چئن دهشتگردن کي مقابلي ۾ مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو ته سيڪيورٽي فورسز جا جوان ملڪ جي حفاظت لاءِ جبل جيان بيٺل آهن پوري قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي.

هوڏانهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي  مستونگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي ڀرسان آءِ اي ڊي ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي شهادت ماڻيندڙ ميجر رضوان طاهر، نائيڪ ابن امين ۽ لانس نائيڪ محمد يونس کي زبردست لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو جڏهن ته شهيدن جي گهر ڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو.

محسن نقوي چيو ته ميجر رضوان طاهر، نائيڪ ابن امين ۽ لانس نائيڪ محمد يونس فرض جي ادائيگي ۾ شهادت جو اعليٰ رتبو ماڻيو آهي. بهادر سپوتن ملڪ جي لاءِ جان جي قرباني ڏئي اعليٰ مثال قائم ڪئي انهن جي قرباني کي هميشه ياد رکيو ويندو. گهرو وزير چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي بهادر سپوتن جوانمردي سان فتنه الهندستان جي دهشتگردن جو مقابلو ڪيو. فورسز وقت تي ڪارروائي ڪري ڀارتي حمايت يافته 4 دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو. هن چيو ته فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي بزدلاڻي ڪارروائي بلوچستان ۾ امن جي قيام جي ڪوششڻ کي ختم ڪرڻ جي سازش آهي. انشاءِالله قوم جي حمايت سان ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جو صفايو ڪنداسين.

Mustang: 3 young men including a major were martyred in the terrorist attack