ويسٽ انڊيز پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور: ويسٽ انڊيز  پاڪستان جي خلاف ون ڊي سيريز جي لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ بورڊ اربع تي پاڪستان جي خلاف 3 ميچز تي ٻڌل هوم ون ڊي سيريز جي لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو، اها سيريز 8 کان 12 آگسٽ تائين کيڏي ويندي. 3 ون ڊي ميچز 8، 10 ۽ 12 آگسٽ تي کيڏيا ويندا.

پاڪستان جي خلاف ون ڊي سيريز لاءِ ويسٽ انڊيز ٽيم جي قيادت  شائي هوپ ڪندو. انهي کان علاوه اسڪواڊ جي ٻين رانديگرن ۾ جيول اينڊريو، جيديا بليڊز، ڪيسي ڪارٽي، روسٽن چيز، ميٿيو فورڊ، جسٽن گريوز، عامر جائگو، شمار جوزف، بينڊن ڪنگ، ايون لوئس، گڊاڪيس موتي، ٿرفوڊ، جيڊن سيلز ۽  رومار يوشيفرڊ شامل آهن. ياد رهي ته پاڪستان ويسٽ انڊيز جي خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ 1-2 تان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي