ممبئي : مشهور ڀارتي اداڪارا ۽ ريئلٽي شو بگ باس سيزن 13 جي مشهور مقابلي ۾ حصو وٺندڙ شهناز گل کي هڪ ڀيرو ٻيهر اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي.شهناز گل پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي اسپتال مان ورتل هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ اداڪارا مداحن کي ٻڌايو ته هوءَ گلوڪوز ڊريپ تي آهي ۽ طبي نگراني هيٺ آهي.ان کان پوءِ شهناز گل جا مداح اداڪارا جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪندي نظر آيا.ٻئي طرف شهناز گل جي ڀاءُ شهباز بديشا جي انسٽاگرام اسٽوري تي هڪ وڊيو ڪال جو اسڪرين شاٽ پڻ پوسٽ ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ شهناز کي اسپتال ۾ ڏسي سگهجي ٿو.ڪجهه ٻيون وڊيوز پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون آهن، جن ۾ اداڪار ڪرن وير مهرا کي اسپتال ۾ شهناز سان ملاقات ڪندي به ڏسي سگهجي ٿو.