بابو سر ٽاپ تي لينڊ سلائيڊنگ سبب خوفناڪ تباهي، ٻوڏ وهڪرن ۾ سڀ ڪجهه لڙهي ويو، 3 سياح فوت

اسلام آباد: بابو سرٽاپ روڊ تي جل کان ديونگ وچ ۾ ڪڪر ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ لينڊ سلائيڊنگ ۽ اوچتو ايندڙ ٻوڏ وهڪري 7 کان 8 ڪلو ميٽر جي علائقي کي سخت متاثر ڪيو.

قدرتي آفت سبب روڊ تي 15 وڏن هنڌن تي رڪاوٽون پيدا ٿيڻ سبب ٽريفڪ مڪمل طور تي معطل ٿي وئي، ضلعي انتظاميه موجب چلاس جي علائقي ۾ واقعي کان پوءِ 3 ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا جڏهن ته هڪ زخمي کي فوري طور تي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال  منتقل ڪيو ويو.

ريسڪيو آپريشن دوران مختلف هنڌن تا ڦاٿل ڪيترن ئي سياحن کي محفوظ هنڌ تي منتقل ڪيو ويو، پر ڪيترائي سياح اڃان تائين گم آهن. ڊپٽي ڪمشنر ديامر ۽ ايس پي ديامر متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ امدادي ڪارروائين جو جائزو ورتو.

اختيارين موجب اهي متاثر هنڌن  تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن پر پٿرن جي وڏي ڍير ۽ سخت زميني حالتن سبب اڳيان جو علائقو پنڌ هلڻ جهڙو نه آهي، ضلعي انتظاميه چلاس ۾ سياحن جي لاءِ عارضي رهائش جو بندوبست ڪيو، جتي گرلز ڊگري ڪاليج ۽ پوليس طرفان فراهم ڪيل ٽرانسپورٽ جي ذريعي ڦاٿل ماڻهن کي مقامي هوٽلن ۾ منتقل ڪيو ويو

موسمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي جابلو علائقن جي ڊوالپمينٽ اٿارٽي جي ملازمن جون موڪلون ملتوي ڪيون ويون آهن، گليات، ڪاغان، ڪمراٽ، ڪالاش ۽ اپر سوات کي ايڊوائزري جاري ڪئي وئي. ڊي جي ٽورازم اٿارٽي هدايت ڪئي آهي ته سموري لاڳاپيل اسٽاف جي منظور ٿيل ۽ التوا هيٺ موڪلن جي درخواستن کي فوري طور تي روڪيو وڃي، ٽورازم پوليس جي مقرري ۽ سياحن جي سهولت لاءِ هڪ هيلپ لائين کي به يقيني بنايو وڃي.

اين ڊي ايم اي جي ترجمان موجب بابو سر ٽاپ روڊ مڪمل طور تي بند آهي جڏهن ته قراقرم هاءِ وي جي لال پارهي ۽ تنها پاني جي هنڌ تي 10 کان 15 گاڏيون نالن ۽ لينڊ سلائيڊنگ وارن علائقن ۾ ڦاٿل آهن، امدادي ٽيمون لاڳيتو ڪم ۾ مصرف آهن جيئن رستن جي بحالي ۽ سياحن جي واپسي کي يقيني سگهجي. چترال،  گرم چشمه، يوجوع، بشقير، ايزو ٻين علائقن ۾ تيز برسات کان پوءِ ٻڻوڏ صورتحال پيدا ٿي وئي، روڊن ۽ ٻين ملڪيتن کي نقصان پهتو. شهري محفوظ هنڌ تي منتقل ٿي ويا.

شاهراهه بابو سر ۽ قراقرم ۾ تازي ٻوڏ سبب ڦاٿل سياحن ۽ مسافرن جي لاءِ پاڪ فوج طرفان هيليڪاپٽر ذريعي ريسڪيو ۽ بحالي جو آپريشن جاري آهي، سياحن ۽ مسافرن کي پاڪ فوج هيليڪاپٽر جي ذريعي محفوظ هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو، هن وقت تائين هيليڪاپٽر جي 15 سوٽيز ذريعي سياحن ۽ مسافرن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي.

گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ سرچ اينڊ ريسڪيو جون ٽيمون روانيون ڪيون ويون آهن، مشڪل جابلو علائقن ۾ به گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا جو سلسلو جاري آهي. پاڪ فوج ۽ ريسڪيو اهلڪارن جي پيشه وارانه ڪارڪردگي ۽ فوري رد عمل وڏي تعداد ۾ انساني جانيون بچايون آهن. لاڳاپيل ادارن طرفان موجوده صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قدم کنيا پيا وڃن، عوام کي اپيل آهي ته متاثر علائقن جو سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن.

everything was washed away in flood watersTerrible destruction due to landslides at Babu Sir Top