واشنگٽن: آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته اهي شام ۾ اسرائيلي حملي جي حمايت نه ڪندا.پرڏيهي ميڊيا موجب، واشنگٽن ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٽمي بروس چيو آهي ته اسان شام ۾ تشدد جي خاتمي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ٽمي بروس وڌيڪ چيو ته اسان شام ۽ اسرائيل جي وچ ۾ پائيدار حل لاءِ اعليٰ سطح تي سفارتڪاري ڪري رهيا آهيون.بهرحال، هن اهو ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو ته ڇا آمريڪا شام تي حملي کان پوءِ اسرائيل کي ڪنهن به قسم جي ناراضگي جو پيغام موڪليو آهي.